عصمت الله عرف راجو پٺاڻ

عصمت الله عرف راجو پٺاڻ: شوٽنگ بال جي مقبول رانديگر الله عرف راجو پٺاڻ'>عصمت الله عرف راجو پٺاڻ جو تعلق ضلعي شڪارپور سان آهي. سندس تعليم ۽ تربيت شڪارپور ۾ ٿي، هن راند جو آغاز پڙهڻ دوران ڪيو. ستر واري ڏهاڪي جي آخر ڌاري سندس شمار سٺن رانديگرن۾ ٿيڻ لڳو. هن کي بهترين رانديگر بڻائڻ ۾ نامور سياستدان سردار مقيم خان کوسي جو هٿ هو، جيڪو پاڻ به هن راند جو بهترين رانديگر ۽ والي بال ايسوسيئيشن سنڌ جو صدر پڻ رهيو. مقيم خان کوسي هن کي بهترين رانديگرن سان گڏ کيڏڻ لاءِ موقعا فراهم ڪيا ۽ انهن کان راند جا سمورا گر سکڻ ۾ سهڪار ڪيو. کوسي ڪيترائي ٽورنامينٽ ۽ ميچ ڪرايا، جن ۾ عصمت الله کي کيڏڻ جو موقعو مليو. هن کي جمپ ڏئي ٻه هٿڙيا ڌڪ هڻڻ ۽ واليون هڻڻ ڪامياب رانديگر بڻايو. هن سردار مقيم خان جي قائم ڪيل قادرپور ڪلب ۾ کيڏي. سڄي ملڪ جي مشهور رانديگرن ۽ ٽيمن سان مقابلا ڪيا. سردار مقيم خان هن جي راند کي گهڻو پسند ڪندو هو. 1983ع ۾ پنجاب جي شهر جهنگ ۾ ٿيل پاڪستان ٽورنامينٽ ۾ ڪاميابي ماڻڻ تي سردار مقيم کيس 50 ايڪڙ زمين انعام ڏني. ڊسمبر 1983ع ۾ دادوءَ جي ٽورنامينٽ ۾ پنجاب جي مشهور رانديگر فلڪ شير کي شڪست ڏيڻ تي کوسي هن کي راڊو گهڙي انعام ڏني. هي 1984ع کان 1988ع تائين لاڳيتو دادوءَ جي ٽورنامينٽ ۾ مئن آف دي ٽورنامينٽ رهيو. آءِ يو خان کيس مڃتا طور حبيب بينڪ ۾ نوڪري ڏياري، جنهن بعد هي حبيب بينڪ جي ٽيم سان کيڏڻ لڳو.


لفظ عصمت الله عرف راجو پٺاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو